تکو تنهنجو نشانو- ڪتاب

تکو تنهنجو نشانو- ڪتاب

تکو تنهنجو نشانو

تِکو تنهنجو نشانو (ڪتاب ): هي ڪتاب روشن سندر چانڊيي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، غزل، وايون، قطعا، ٽيڙو، نثري نظم ۽ آزاد نظم شامل آهن. هن ڪتاب جو انتساب سپريم ڪورٽ جي اڳ ۾ هٽايل (۽ موجوده) چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ٻين انهن ججن جي نالي ٿيل آهي جن پي. سي. او تحت قسم نه کنيو ۽ عدليه جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائيندا رهيا. هن ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ ڄام ساقي، ستار سرڪي، عنايت بلوچ، زوار نقوي، سليم چنا، گل ڪنڌر، تائب پنهور، ڪامران ڀٽي ۽ خادم حسين کوسي جا تاثر شامل آهن. ڊيمي سائيز رنگين ٽائيٽل ۽ جلد پڪي واري هن ڪتاب ۾ 160 صفحا آهن ۽ قيمت 130 رپيا آهي. هي ڪتاب حِرا ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران مارچ 2009ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو